SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آزاد پاليسيون جوڙڻ جو حق


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آزاد پاليسيون جوڙڻ جو حق

Polycentrism

پولي سينٽرزم

وچ ۽ اولهه يورپي ملڪن ۾ ڪميونزم جي بنياد تي جُڙيل سوويت بلاڪ جي لاءِ عام طرح اهو ئي خيال ڪيو ويندو هو ته انهيءَ اتحاد ۾ شامل سڀني ملڪن جي لاءِ فيصلا صرف سوويت يونين جي راڄڌاني ماسڪو ۾ ٿين ٿا ۽ ڪميونسٽ بلاڪ جي ميمبر ملڪن کي بين الاقوامي تعلقات جي سلسلي ۾ ڪنهن به طرح سان آزاديءَ ڀريل فيصلي ڪرڻ جو حق حاصل ناهي. اهڙي قسم جي تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ 1956ع ۾ اٽليءَ جي ڪميونسٽ اڳواڻ ”توگلياتي“، ”پولي سينٽرزم“ جو اصطلاح سامهون آندو. هن سرشتي جو اصل مقصد اوڀر يورپ ۽ سوويت يونين ۾ شامل ملڪن کي بين الاقوامي تعلقات ترجيحن مطابق طئه ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ جو حق ڏيڻ جي سفارش ڪرڻ هو. ”پولي سينٽرزم“ جو وڏو مثال 1960ع ۾ چين ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ پيدا ٿيل نظرياتي تفاوت آهي. ڇاڪاڻ جو بين الاقوامي تعلقات جي باري ۾ چين جو سوويت يونين ۽ اوڀر يورپي ملڪن کان الڳ نظريو هو. جيتوڻيڪ چين به ڪميونزم جي نظريي تحت وجود ۾ آيو، پر سڄي دنيا سان تعلقات جي معاملي ۾، چين ”پولي سينٽرز“ جي اصول تحت سوويت يونين کان الڳ فيصلا ڪيا. انهن فيصلن جي ڪري سوويت يونين ۽ چين جي وچ ۾ ڪافي ڇڪتاڻ پيدا ٿي. پنهنجي ڌار سياسي حيثيت رکڻ ڪري، آمريڪا ۽ سوويت يونين کان پوءِ چين دُنيا ۾ ٽين سگهاري قوت طور ليکيو ويو. انهيءَ صورتحال کي محسوس ڪندي سوويت يونين جي ’ليونڊ برزنيف‘ 1968ع ۾ پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ (جيڪا برزنيف ڊاڪٽرين جي نالي سان مشهور آهي) ۾ چين جي اختيار ڪيل سوشلسٽ نظريي کي ساراهيندي، سوويت يونين طرفان چين سان مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ ساٿ ڏيڻ جو اظهار ڪيو. انهيءَ کانپوءِ 1969ع ۽ 1973ع ۾ جڏهن چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ پنهنجي نائين ۽ ڏهين ڪانگريس ڪوٺائي، ته آمريڪا کي مبصر طور شموليت جي دعوت ڏني وئي. ”پولي سينٽرزم“ جي ڪري ئي چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعلقات جا نوان دروازا کُليا ۽ سندن وچ ۾ رساڪشي ختم ٿي. چين کان سواءِ اُڀرندي حصي جي ڪميونسٽ يورپ ۽ يوگوسلاويا ۾ به سوويت يونين کان الڳ ٿي، قومي ۽ پرڏيهي پاليسيون ٺاهيون ويون. ٻئي طرف اٽليءَ، به نيٽو ۾ پنهنجي مرضيءَ سان شموليت ان اصول تحت اختيار ڪئي


Remember Me Also:

جي جيارو

ساهه وجهڻ وارو ، معشوق.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal